99 سيڪڙو ماڻهو فيصلا پڙهڻ بنا تبصرا ڪندا آهن، کوسو

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسي چيو آهي  ته اڄ اسان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتون تخليق ڪيون وينديون آهن.لاهور ۾ هڪ ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ هو ته اچڻ وارو دور هن هٿرادو پئدا ڪيل واقعن کي تاريخ جي نظر سان ڏسندو.هن چيو ته اڄ جا وڪيل پنهنجو ڪيس ذهن ۽ زبان سان پيش ڪرڻ جي بجاءِ لتن ، مڪن سان پيش ڪري رهيا آهن، ماڊل ڪورٽن ۾ انهيءَ ججن ۽ وڪيلن جي ذريعي 13 هزار ڪيسن جا فيصلا 4 مهينن ۾ ٿيا آهن.هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ايس ايم ظفر سڀني جي لاءِ آئيڊيل شخصيت آهي، تاريخ صرف واقعن کي بيان ڪرڻ جو نالو ناهي،هي ڏسڻو هوندو آهي ته تاريخ ٺهي ڪيئن؟ جسٽس آصف سعيد کوسي جو چوڻ هيو ته اسان هن وقت ڪيسن جي ڪوالٽي تي نه پر نمبرن تي يقين ڪري رهيا آهيون، 99 فيصد ماڻهو اسان جا فيصلا پڙهڻ کانسواءِ انهن تي تبصرا ڪندا آهن. هن چيو ته اسان ڪڏهن اميد نه ٿا ڇڏي سگهون، اهو اسان جو ملڪ آهي ۽ اسان کي هتي ئي رهڻو آهي، اسان کي حقيقت پسند ٿيڻو آهي، اکيون بند ناهن ڪرڻيون.

پهنجو تبصرو موڪليو