ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ): ڪالعدم بلوچ ليبريشن فرينٽ (بي ايل ايف) ۽ ٻين عسڪري تنظيمين سان تعلق رکندڙ فرارين پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ تنظيمين کان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.ڪالعدم تنظيم هٿان بليڪ ميل ٿيل دهشتگرد ارمان بلوچ اعتراف ڪندي چيو ته هو پنهنجي دوست سان روزگار جي ڳولا ۾ ايران ويو هو، جتان دهشتگردن کيس اغوا ڪري پهاڙن تي منتقل ڪيو. پهاڙن تي ڪالعدم بي ايل ايف جي ڪمانڊر قمر بروهيءَ سان ملاقات بعد کيس فورسز خلاف ڪارروائين ۾ شامل ڪيو ويو. هن 6 مهينن تائين عسکري تربيت حاصل ڪئي ۽ تمپ توڙي بليده ۾ ٻن حملن ۾ شريڪ رهيو.ارمان بلوچ ٻڌايو ته بعد ۾ کيس احساس ٿيو ته هي رستو غلط آهي، پر تنظيم ڇڏڻ جي خواهش تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته هو آئينده ڪنهن به غيرقانوني سرگرميءَ ۾ شامل نه ٿيندو ۽ رياستي ادارن کان معافي جو طلبگار آهي. هن بلوچستان جي نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اهي فتنـة الهند ۽ دهشتگرد تنظيمين جي جھوٽي پروپئگينڊا جو شڪار نه ٿين ۽ پنهنجي ملڪ سان وفادار رهندي هڪ ذميوار شهريءَ واري زندگي گذارين.










