ارسا ڀڃڪڙي تي ڳڻتي، سنڌ جو پاڻي فوري بحال ڪرڻ  جو مطالبو

ارسا ڀڃڪڙي تي ڳڻتي، سنڌ جو پاڻي فوري بحال ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت خريف جي پوکائي جي انتهائي اهم موسم دوران صوبي ۾ پاڻي جي شديد ۽ مصنوعي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي 1991ع جي واٽر ايپروپريئيشن اڪارڊ (پاڻي واري معاهدي) جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي سندن جائز حصي جي پاڻي کان محروم رکڻ سراسر ناانصافي آهي. وزير آبپاشي ڄام خان شورو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته تربيلا، منگلا ۽ چشمه جي ذخيرن ۾ 4.019 ملين ايڪڙ فٽ (MAF) کان وڌيڪ پاڻي موجود هجڻ باوجود ارسا (IRSA) سنڌ ڏانهن پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته ابتدائي خريف سيزن 2026 دوران ارسا مئي مهيني ۾ ۽ هيل تائين سنڌ طرفان طلب ڪيل (Indented) پاڻي جي فراهمي کي پورو نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته 6 جون کان 10 جون 2026 تائين سنڌ جي 145,000 ڪيوسڪ جائز گهرج جي مقابلي ۾ چشمه کان هيٺئين وهڪري (Downstream) ۾ رليز صرف 120,000 ڪيوسڪ تائين محدود ڪئي وئي آهي، جنهن سبب جون جي پهرين ڏهاڪي دوران سنڌ کي مجموعي طور 40 سيڪڙو وڏي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته اپريل مهيني ۾ غيرمعمولي برساتن سبب سنڌ جي بئراجن تي عارضي طور تي جيڪو اضافي پاڻي پهتو هو، ارسا ان کي سنڌ جي پاڻي واري کاتي ۾ شامل ڪري هاڻي خريف جي موسم ۾ صوبي تي مصنوعي کوٽ مڙهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت هن ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته هڪ طرف سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته ٻئي طرف چشمه-جهلم (CJ) ۽ تونسه-پنجند (TP) لنڪ ڪئنالن کي ترتيبوار 16,500 ڪيوسڪ ۽ 10,816 ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ مڪمل گنجائش سان هلائي پيو وڃي، جنهن سبب درياءِ سنڌ جي مکيه وهڪري جو پاڻي پنجاب جي معاون دريائن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير ٻنهي صوبن جي پاڻي جي دستيابي بابت سرڪاري انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي مجموعي دستيابي مقرر ڪيل 106,340 ڪيوسڪ ڪوٽي جي مقابلي ۾ صرف 64,093 ڪيوسڪ آهي، جيڪا 40 سيڪڙو شديد کوٽ ظاهر ڪري ٿي. ڄام خان شورو موجب: گڊو بئراج تي 28,340 ڪيوسڪ ڪوٽي جي مقابلي ۾ صرف 20,518 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جيڪا 28 سيڪڙو کوٽ آهي. سکر بئراج تي 51,100 ڪيوسڪ ڪوٽي جي مقابلي ۾ صرف 32,120 ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي، جيڪا 37 سيڪڙو کوٽ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي 26,900 ڪيوسڪ مختص حصي جي مقابلي ۾ صرف 11,455 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب 57 سيڪڙو وڏي گهٽتائي آهي. ڄام خان شورو چيو ته ان جي ابتڙ پنجاب کي پنهنجي 109,100 ڪيوسڪ ڪوٽي جي مقابلي ۾ 98,812 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جتي پاڻي جي کوٽ صرف 9 سيڪڙو آهي. هن خبردار ڪيو ته سکر بئراج جي رائيٽ بينڪ ڪئنال سسٽم ۾ پاڻي جي اها صورتحال سکر، لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ ۽ بلوچستان جي ڪمانڊ ايرياز ۾ لکين ايڪڙ زرعي زمين لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. ڄام خان شورو چيو ته دادو ڪئنال 4,995 ڪيوسڪ ڪوٽي جي مقابلي ۾ صرف 860 ڪيوسڪ تي هلي رهي آهي، جيڪا 83 سيڪڙو شارٽ فال آهي. اتر اولهه ڪئنال (NWC) کي 4,260 ڪيوسڪ بدران صرف 2,100 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن سبب 51 سيڪڙو کوٽ آهي. رائس ڪئنال کي 8,700 ڪيوسڪ ضرورت جي مقابلي ۾ صرف 5,300 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪا 39 سيڪڙو کوٽ آهي. وزير آبپاشي چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت ۽ ارسا کان مطالبو ڪري ٿي ته هو هن صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي، چشمه کان هيٺئين وهڪري ۾ سنڌ جي انڊنٽ موجب پاڻي جي فراهمي بحال ڪري ۽ چشمه-جهلم ۽ تونسه-پنجند لنڪ ڪئنالن جي آپريشن کي فوري طور بند ڪيو وڃي. ڄام خان شورو سنڌ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته صوبي جي آبي حقن جو تحفظ ۽ لکين آبادگارن جي روزگار جو دفاع اسان جو اولين فرض آهي، ۽ ان مقصد لاءِ سنڌ حڪومت هر آئيني، قانوني ۽ جمهوري فورم تي پنهنجو احتجاج جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو