ارباب جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، امداد تقسيم

ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو )ٿرپارڪر ۾ برسات جي تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ مقامي پي پي ايم پي اي ارباب لطف الله مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. هن ڳوٺ موڏور توڳاچي سمون دودو جت ستون ميل جو دورو ڪري ڊي سي ٿرپارڪر کي سخت هدايتون ڪندي ٽٽل روڊن جي بحالي لاء مشينري گهرائي ڳوٺن کان شھرن تائين ٽريفڪ بحال ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي۽ چيو ته هو پاڻ نگراني ڪندو. ڪلوئي جي بئراجي علائقن ۾ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻھن ۾ تنبو ۽ راشن ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي ڏيپلي شھر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري  ڪاروهنوار بحال ڪيو ويو ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين اقتدار ۾ ھجون يا نه پر صدين کان وٺي اسان ارباب خاندان جي روايت رهي آھي اسين هر مشڪل وقت ۾ ٿر جي عوام جي خدمت ڪئي آھي تاريخ گواه آھي اسان ذات پات کان هٽي ڪري ڪولهي ڀيل ميگهواڙ بلوچ چاهي سماٽ ھر مظلوم جو ساٿ ڏنو آھي هي هڪ قدرتي مصيبت ٻوڏ جي صورتحال ۾ پوري سنڌ کي ڪراچي سميت ٻوڙي ڇڏيو آھي جنهن ۾ اسان پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه سميت ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته ٻوڏ زده ماڻھن تائين رليف پهچائي سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو