ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪاره غني علي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس اداڪاري ۾ ڪو به ڪيريئر ناهي.غني علي تازو هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڪيريئر، شادي ۽ ٻين سميت مختلف موضوعن تي بحث ڪيو.ميزبان اداڪاره کان پڇيو ته هن پنهنجي والدين کي اداڪاري ڪرڻ لاءِ ڪيئن قائل ڪيو.جواب ۾ هن چيو ته مون پنهنجي والدين جي اجازت کان سواءِ اداڪاري شروع ڪئي ۽ انهن کي هن شعبي کي سمجهڻ ۾ 3 سال لڳي ويا.اداڪاره اهو به چيو ته منهنجي والدين هن شعبي ۾ ڪو به ڪيريئر نه ڏٺو ۽ سچ اهو آهي ته اداڪاري ۾ ڪو به ڪيريئر ناهي، اهو ڪجهه وقت لاءِ آهي جيئن راندين يا ٻين شعبن ۾، ڪجهه وقت کان پوءِ توهان ختم ٿي ويندا آهيو.هن وڌيڪ چيو ته اهو شوق جي حد تائين ٺيڪ آهي، پر مان ڪنهن کي به اداڪاري کي ڪيريئر طور اختيار ڪرڻ جو مشورو نه ڏيندس.










