اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪي ادارن خلاف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) کي خط لکڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.اختيارين موجب ڏوهارين ايف اي ٽي ايف، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بينڪ کي خط لکي ملڪ جي ادارن خاص ڪري ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) خلاف پاڪستان تي پابندين جو مطالبو ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه فارماسسٽن عالمي مالياتي ادارن کي خط ۽ اي ميلون لکيون ۽ الزام لڳايو ته پاڪستاني ادارا مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ادارن کي اهڙا خط لکڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو، هي اهي ماڻهو آهن جن تي پاڪستان ۾ جعلي دوائن ۽ بليڪ ميل جا ڪيس آهن.ذريعن موجب صحت کاتي جي عملدارن ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس ادارن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهڙن ماڻهن خلاف غداري جا ڪيس قائم ڪري سگهجن.










