ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماڙي انرجيز تيل ۽ گئس جي نئين ذخيرن جي دريافت جو اعلان ڪيو، ماڙي انرجيز جي هڪ بيان موجب، نئين گئس جي دريافت اتر وزيرستان بلاڪ ۾ ڪئي وئي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته نئين دريافت سان روزانو 73 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ٿيندي، جڏهن ته نئين دريافت سان روزانو 310 بيرل خام تيل پڻ پيدا ٿيندو.










