ابراهيم حيدري ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش، 1 فوت

ابراهيم حيدري ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش، 1 فوت

ملير (ن س) ابراهيم حيدري جي لاشاري پاڙي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش هڪ فوت ٿي ويو، علائقي ۾ سوڳ ۽ حراس پکڙيل، اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ابراهيم حيدري پولیس واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس متاثرن کي طبي امداد لاءِ ۽ فوتي جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو، کاڌي ۾ ڪا زهريلي شئي هجڻ ڪري واقعو پيش آيو آهي ميڊيڪل رپورٽ بعد ئي حقيقتون سامهون اينديون پوليس، تفصيل موجب ابراهيم حيدري يوسي علي اڪبر شاهه جي لاشاري پاڙي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پراسرار نموني بيهوش ۽ هڪ فوت ٿي ويو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ حراس ۽ سوڳ پکڙجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڙي وارن ٻڌايو ته رات جو سڀ چڱا ڀلا ھئا، صبح دير تائين هنن مان ڪوبه نظر نه آيو ته اسان انهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي دروازو کڙڪايو پر ڪوئي به نه اٿيو ته اسان اندر پٿر اڇلايا ته فاروق اچي دروازو کوليو ۽ چيو ته اندر ڏسو سڀني کي الائي ڇا ٿيو آھي ۽ ايتري ۾ پاڻ به بيھوش ٿي ڪري پيو، پاڙي وارن موجب جيئن اندر پهتاسين ڏٺوسين ته شاهين بنگالي فوت ٿي چڪو ھو ته اسان هڪدم 15 تي ڪال ڪري پوليس کي ٻڌايو، اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ڊي سي ملير واقعي جي جاچ ورتي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي وڃي، پوليس شاهين جي لاش سميت سندس پٽ فاروق ۽ ان جي گھر واري روبينا، عمير ۽ نعمان کي جناح اسپتال کڻائي ويئي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته کاڌي ۾ ڪا زهريلي شئي ھجڻ ڪري واقعو پيش آيو آھي وڌيڪ پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪجھه ٻڌائي سگھون ٿا، واقعي واري جاءِ تي فورن پوليس ڪرائم سين جي ٽيم پهچي رات جو بچيل کاڌو ۽ ٻيون شيون چيڪ ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو