اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج افغان طالبان ۽ فتنه الخارج خلاف جوابي ڪارروائي ڪري رهي آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ-افغان سرحد تي زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو ويو آهي.پاڪستاني فوج جي سخت ڪارروائي سان افغان طالبان پنهنجون پوسٽون ۽ هٿيار ڇڏي ڀڄي ويا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج افغان طالبان جي قبضي هيٺ پوسٽن مان روسي ٺهيل ڳري گرنيڊ لانچر ضبط ڪيا آهن.سيڪيورٽي ذريعن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته آپريشن غضب الحق جاري آهي ۽ ان جي مقصدن جي حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو.










