آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون بند

آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ تعليمي سڌارن ۽ آن لائين حاضري سسٽم بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران آن لائين حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران عدالت سيڪريٽري آءِ ٽي کي هدايت ڪئي ته حاضري جي نظام کي وڌيڪ اپڊيٽ ڪيو وڃي ۽ آن لائين ايپ تي استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون بند ڪيون وڃن.سيڪريٽري تعليم سنڌ اڪبر لغاري يقين ڏياريندي چيو آهي ته اڪثر استادن وٽ اينڊرائڊ موبائيل فون نه آهن، ان ڪري ڪجهه ماڻهو ايپ استعمال ڪرڻ جو عذر پيش ڪري رهيا آهن، پر اسان ڪوششون ڪيون، هاڻي استادن جي حاضري 77 سيڪڙو ٿي وئي آهي.چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايپ نٿي هلي سگهي، سگنل نه ٿو اچي، موبائل ناهي، هي سڀ بهانا آهن.هن چيو ته جڏهن ڪو سعودي عرب مان وائس ميسيج موڪلي ٿو ته ان کي ٻڌن ٿا، فون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائين ٿا ته پوءِ سگنل اچي رهيو آهي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته استاد به ٽڪ ٽاڪ جو مزو وٺي رهيا آهن، باقي آن لائين سسٽم تي حاضري لاءِ انٽرنيٽ ناهي، هي سڀ عذرا آهن انهن سڀني جون پگهارون روڪڻ جو، جيڪي حاضري نه پيا ڏين.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پيش رفت رپورٽ طلب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پگهارون روڪيون وڃن ته استاد به فون تان حاضري ڏيندا. ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري جي آءِ ٽي حاضري سسٽم ۽ سيڪريٽري تعليم جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو