اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن پاران صدر جوبائيڊن کي عمران خان جي آزادي لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي. پاڪستاني پارليامينٽ جي ميمبرن آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن جي پاڪستان جي اندروني صورتحال ۾ مداخلت تي خط لکي ڇڏيو.خط لکندڙن ۾ طارق فضل چوڌري، نويد قمر، مصطفيٰ ڪمال، آسيا ناز تنولي، خالد مگسي ۽ ٻيا شامل آهن.پارلياماني ميمبرن خط ۾ لکيو ته ميمبر پارليامينٽ جي حيثيت ۾ سمجهن ٿا ته وزيراعظم جي ذريعي ڪانگريس ميمبرن کي آگاهه ڪن. پاڪستان جمهوري چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي انتهاپسندي جي سياست جي ڪري وڌي ويا آهن.خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن خلاف سياسي تشدد ۽ ڏوهاري ڌمڪيون متعارف ڪرايون.باني پي ٽي آءِ 9 مئي 2023 تي وڏي پيماني تي فسادات ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪرائي، هن ميڙ کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽيليويزن جي عمارت ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪرڻ لاءِ اُڪسايو،خط ۾ ايم پي ايز چيو ته پي ٽي آءِ جي باني آگسٽ 2014ع ۽ مئي 2022ع ۾ به انتشار واري سياست سان ملڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو.وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا کي ڊجيٽل دهشتگردي سان افراتفري ۽ بدامني پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، عمران خان سوشل ميڊيا کي رياست کي ڊجيٽل دهشتگردي سان خطرو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود منحرف عنصر پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ناڪاري مهم ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا جون رياستون پنهنجي شهرين خلاف غير معمولي قدم کڻڻ تي مجبور آهن.










