آمريڪي پرڏيهي وزير جي چيني هم منصب سان ڊگهي ملاقات

آمريڪي پرڏيهي وزير جي چيني هم منصب سان ڊگهي ملاقات

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چين جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران پنهنجي چيني هم منصب سان ساڍا پنج ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، انتوني بلنڪن سومر تي چيني صدر شي جن پنگ سان به ملاقات جو امڪان آهي.خبرون ڏيندڙ اداري موجب چيني پرڏيهي وزير چن گونگ بيجنگ ۾ سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ اينٿوني بلينڪن سان ملاقات ڪئي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ساڍا 5 ڪلاڪ جاري رهي، ملاقات کانپوءِ انتوني بلنڪن ڊنر ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو.انٿوني بلنڪن چيني عملدارن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ واپاري تڪرار تي بحث ڪندو.ٻئي طرف آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاڪن چيني پرڏيهي وزير سان واضح، ٺوس ۽ معياري ڳالهه ٻولهه ڪئي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب، بلنڪن مواصلاتي چينلز کي کليل رکڻ تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن گڏيل بين الاقوامي معاملن تي تعاون جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.آمريڪي پرڏيهي وزير بلينڪن رابطن جي تسلسل لاءِ چيني پرڏيهي وزير کي واشنگٽن اچڻ جي دعوت ڏني.آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته چيني پرڏيهي وزير صحيح وقت تي آمريڪا اچڻ جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو