آمريڪي صدر جي شهباز سميت اسلامي ملڪن جي سربراهن سان ملاقات

آمريڪي صدر جي شهباز سميت اسلامي ملڪن جي سربراهن سان ملاقات

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪجهه مخصوص اسلامي ملڪن جي سربراهن سميت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سائيڊ لائين تي سڏايل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم وفد سميت 22 سيپٽمبر کان نيو يارڪ جي دوري تي روانو ٿيندو. اها پاڪستاني وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان پهرين ملاقات هوندي. جون ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سويلين قيادت شريڪ نه هئي.ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ فلسطين جي معاملن تي به ساڻس ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو