آمريڪي سينيٽر ۽ سندس وني تي رشوت وٺڻ جي الزام، فرد جرم لاڳو

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽر باب مينن ڊيز ۽ سندس گهر واري تي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي سينيٽر باب مينن ڊيز ۽ سندس گهر واري مٿان اختيارن جو غلط استعمال ۽ مصري حڪومت کي فائدو پهچائڻ جا الزام آهن.ڊيمو ڪريٽڪ سينيٽر مينن ڊيز آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جو چيئرمين آهي، سينيٽر باب تي مصري اختيارين کي حساس ڄاڻ ڏيڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي.آمريڪي سينيٽر جي گهر جي تلاشي دوران هڪ لک ڊالر ماليت جو سون ۽ 4 لک 80 هزار ڊالر پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو