تهران (ويب ڊيسڪ)آمريڪي حملي کان پوءِ ايران اسرائيل تي هڪ نئون ميزائل ۽ ڊرون حملو ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب، تل ابيب سميت سڄي اسرائيل ۾ جنگي سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن، ۽ هوائي دفاعي نظام کي چالو ڪيو ويو آهي.نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي شهر حيفا تي ڪيترائي ايراني ميزائل ڪرڻ جون خبرون آهن، ۽ تل ابيب ۾ ڪيترائي ڌماڪا پڻ ٻڌا ويا آهن.اسرائيلي ميڊيا موجب، ايران جي تازين ميزائل حملن اسرائيل جي مختلف حصن ۾ نقصان پهچايو آهي.ايراني ميڊيا موجب، ايراني انقلابي گارڊ ڪور آچر جي صبح اسرائيل تي جوابي ميزائل ۽ ڊرون حملن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو آهي.انقلابي گارڊ جي ترجمان موجب، حيفا ۽ تل ابيب ۾ 14 اسٽريٽجڪ اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻايو ويو.ترجمان موجب، اهي حملا هاڻي تائين جي سڀ کان ڪامياب حملن مان هڪ آهن.IRGC جي ترجمان چيو ته حيفا تي ڊگهي فاصلي واري قادر-ايف ميزائلن سان حملو ڪيو ويو. حملي ۾ اسرائيلي فوجي سافٽ ويئر ڪمپنين جي آفيسن، هڪ پاور پلانٽ، هڪ آئل ريفائنري، هڪ ايئر بيس، اسرائيلي سائبر ڪمانڊ جي هيڊ ڪوارٽر ۽ رافيل ايڊوانسڊ ڊفينس سسٽم جي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو.عرب ميڊيا موجب، حملن ۾ سڌو سنئون تل ابيب ۽ حيفا سميت ڪيترن ئي اسرائيلي علائقن ۾ عمارتن کي نشانو بڻايو ويو. ايران تازي ميزائل حملي ۾ اسرائيل تي 20 کان 40 بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو. اسرائيل جي 400 کان وڌيڪ شهرن، قصبن ۽ علائقن ۾ جنگي سائرن وڄايا ويا.ياد رهي ته آچر جي صبح آمريڪا ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻايو، جنهن بابت ٽرمپ سوشل ميڊيا سائيٽ ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان جاري ڪيو.ان کان علاوه، ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي کان اڳ ايٽمي سهولتون خالي ڪيون ويون هيون.اسرائيلي ميڊيا موجب، ايراني ميزائل حملي سان اسرائيل ۾ 10 هنڌن کي نقصان پهتو آهي.










