واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واشنگٽن ايئرپورٽ ويجهو هڪ مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو.پرڏيهي ميڊيا موجب مسافر جهاز فوجي هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ پوٽوميڪ درياءَ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن کان پوءِ فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون.آمريڪي ميڊيا موجب جهاز حادثي کان پوءِ پوٽوميڪ درياءَ مان 18 لاش ڪڍيا ويا آهن. حادثو پوٽوميڪ درياءَ جي مٿان رن وي جي ويجهو پيش آيو. مسافر جهاز سان ٽڪرائجي ويل بليڪ هاڪ فوجي هيلي ڪاپٽر تربيتي پرواز تي هو.آمريڪي ايئر لائنز جي پرواز يو ايل 5432 وچيتا، ڪنساس کان واشنگٽن وڃي رهي هئي.حادثي کان پوءِ ريگن نيشنل ايئرپورٽ تي سڀئي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هوائي حادثي جي خبر ڏني وئي آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن حوالي سان چيو آهي ته کيس هوائي حادثي بابت مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويو آهي، هو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، ۽ جيئن ئي اهي سامهون ايندا ته وڌيڪ تفصيل فراهم ڪندو.آمريڪي اختيارين موجب، واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز ۾ لڳ ڀڳ 60 مسافر سوار هئا.










