’ايران ۽ آمريڪا پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويا‘

’ايران ۽ آمريڪا پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويا‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ڊپلوميٽڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا جا نمائندا پاڪستان جي ميزباني ۾ ڳالهين لاءِ رضامند ٿي ويا آهن. ايران ۽ آمريڪا جا وفد اربع تي اسلام آباد پهچندا. ايراني وفد جو سربراهي سپريم نيشنل سيڪورٽي جو نئون مقرر ڪيل سيڪريٽري محمد باقر ڪندو جنهن ۾ ايران جا ٻه يا ٽي نمائندا به شامل هوندا. جڏهن ته آمريڪا پاران اسٽيو وٽڪوف ۽ جيئرڊ ڪشنر شريڪ ٿيندا.

ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته هي روبرو ڳالهيون نه ڪندا پر پاڪستان کي موقف ٻڌائيندا ۽ پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ٻڌائيندو. جڏهن هنن ۾ اتفاق ٿي ويندو ته ٻئي مرحلي ۾ نائب آمريڪي صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي روبرو ملندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ استنبول ۽ اسلام آباد جي چوائس ڏني وئي هئي پر ايران اسلام آباد ۾ ڳالهين جو فيصلو ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جنگبندي نٿو چاهي ته جنگ جلدي ختم ٿئي پر اڱاري تي جنهن نموني ايران ميزائلن جي برسات ڪئي آهي ۽ اسرائيل جي مختل شهرن ۾ تباهي ٿي آهي ان بعد نيتن ياهو خلاف عوامي نفرت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاري بحران جي خاتمي لاءِ بامقصد ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران رضامند ٿين ته ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان لاءِ فخر جو باعث هوندو۔
وزيراعظم جو چوڻ هو ته علائقي ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ضروري آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ جاري ڳالهين جي ڪوششن جو خيرمقدم ڪري ٿو ۽ تڪرار جي جامع حل ۽ بامعنيٰ ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو۔
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف جو بيان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيو۔
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران جي صدر عباس عراقچي۽ آمريڪي ڳالهيون ڪندڙ اسٽيو وٽڪوف کي ٽيگ ڪيو هو۔
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدرمسعود پزشڪيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو تعميري ڪردار جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو هو۔
گذريل ڏينهن مختلف ميڊيا پليٽ فارمز تي رپورٽ ٿيو ته آمريڪا جي نائب صدرجي ڊي ونس، وِٽڪوف ۽جيئرڊ ڪشنر ممڪن طور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ايران بابت ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا۔
ٻئي طرف هن حوالي سان پاڪستاني دفتر خارجه جي ترجمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڌريون راضي ٿين ته پاڪستان ثالثي جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو