اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.خليج جي علائقي ۾ جاري تڪرار ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني جي تناظر ۾، پهرين فيبروري 2026 کان ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين (POL) جي قيمتن ۾ 9.47 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.لاڳاپيل اختيارين پاران تيار ڪيل قيمتن جي تخميني مطابق، هاءِ اسپيڊ ڊيزل (HSD) جي قيمت ۾ 9.47 رپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.ان کان علاوه، مٽي جو تيل 3.69 رپيا ۽ هلڪو ڊيزل آئل (LDO) ۾ 6.95 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.










