انقره (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو چاهي ۽ پنهنجي فوجين تي حملا برداشت نه ڪندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي اتحادي عراقي مليشيا شام ۾ آمريڪي بيس تي ڊرون حملن ۽ عراق ۾ الاسد بيس تي مارٽر حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن عراق کانپوءِ ترڪي پهچي ويو آهي.ان موقعي تي آمريڪا ۽ شام ۾ فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ نه ٿو چاهي ۽ پنهنجي فوجين تي حملا برداشت نه ڪندو. ان دوران اسرائيل مخالف مظاهرين ترڪي جي شهر ادانا ۾ آمريڪي بيس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين آنسو گيس جا شيل فائر ڪري روڪيو.










