آفيس جي تالا بندي بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

آفيس جي تالا بندي بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آفيس کي تالا لڳائڻ بابت فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پرنسپل سيڪريٽري سميت ڪنهن به قائم مقام گورنر اويس قادر شاهه کي ملاقات کان نه روڪيو، وڊيو ثبوت موجود آهن ته قائم مقام گورنر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون موجب قائم مقام گورنر کي گورنر هائوس تائين رسائي نٿي ڏئي سگهجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ درخواست کي ختم ڪري ڇڏيو.گورنر سنڌ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري چيو ته هي هڪ آئيني درخواست آهي ۽ ان جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ آئيني بينچ جي سامهون ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو