آفريد قتل ڪيس، جوابدار جو جسماني رمانڊ، عدالتن ۾ بائيڪاٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نامياري قانوندان ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ عبدالطيف آفريدي کي قتل ڪندڙ جوابدار پوليس آڏو قبولداري ڪندي چيو آهي ته مون پنهنجي مامي سيشن جج جي قتل جو بدلو ورتو آهي. پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت سندن ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو آهي. سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ هڙتال آهي، سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدالتن جي ججن لطيف آفريدي جي قتل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي کيس ڀرپور خراج پيش ڪيو آهي. لطيف آفريدي جي تدفين جون تياريون هلن پيون ۽ کيس اباڻي علائقي خيبر ايجنسي ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو