آفريدي پاران جي بي  جي چونڊن ۾ مداخلت مناسب ناهي، ڪمشنر

آفريدي پاران جي بي جي چونڊن ۾ مداخلت مناسب ناهي، ڪمشنر

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان ڪي پي (خيبرپختونخوا) جي وڏي وزير سهيل آفريدي پاران سپريم ڪورٽ ۽ سپريم اپيليٽ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيل خط تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير جي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مداخلت مناسب ناهي ۽ سندس خط جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.گلگت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته کين سوشل ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو ته سموريون سياسي جماعتون ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن، اڄ پنجاب جو گورنر ۽ وزير به گلگت آيا پر ڪنهن به صورت ۾ کين چونڊ مہم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي. چيف اليڪشن ڪمشنر موجب، ٻه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي وزيرن به ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، هڪ اميدوار ڪي پي جي عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ ان خلاف تعزيراتِ پاڪستان جي قلم 154 اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو. راجا شهباز خان جو چوڻ هو ته قانون ڪنهن به پارٽي جي وزيرن کي گلگت بلتستان اچي چونڊ مہم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نٿو ڏئي. هن مانيٽرنگ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪندي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اڄ کانپوءِ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به اميدوار کي نااهل پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو