پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس نعيم انور تي مشتمل ٻه رڪني بينچ وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪيسن جي تفصيل لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪي پي جي وڏي وزير جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي ۽ سهيل آفريدي خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل طلب ڪئي ۽ کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز انور پڇاڻو ڪيو ته وڏي وزير سهيل آفريدي ڪهڙي ايف آءِ آر ۾ نامزد آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته اسان کي خبر ناهي ته ڪيتريون ايف آءِ آر آهن، منهنجي خلاف به ايف آءِ آر ٿي سگهي ٿي، ان کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ پهچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير خيبرپختونخواهه سهيل آفريدي چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان سان ملڻ وارو آهيان، ان سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي ويندي.هن چيو ته مان لکين ماڻهن جي نمائندگي ڪريان ٿو، جيڪي مون کي ملڻ جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته مان وڏو وزير آهيان.سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته جيڪا ڪابينا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي اها جعلي آهي، باني پي ٽي آءِ سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏيندو.










