ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر شيرمحمد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اصف علي زرداري چيو ته شيرمحمد بلوچ جون پارٽي لاءِ خدمتون فراموش ڪرڻ جوڳيون نه آهن آصف علي زرداري چيو ته شير محمد بلوچ پارٽي جو وفادار ۽ ثابت قدم ساٿي هو اڳوڻي صدر شيرمحمد بلوچ جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.










