آصف زرداري جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار

آصف زرداري جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي صدر آصف زرداري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومتي اتحادي پارٽي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي ۽ ان سان گڏ آهي، اهڙن فيصلن تي مشاورت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سڀ هن حڪومت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ آيا آهيون، عوام کي رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. آصف زرداري چيو ته هو وزيراعظم سان گڏ آهن ۽ جلد ساڻس ملاقات ڪندو جنهن ۾ معاشي ٽيم تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو