نوابشاهه (رپورٽر) پ پ آصف زرداري جي صدر بڻجڻ کانپوءِ سندس خالي ڪيل سيٽ تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) مان آصفه ڀٽو زرداري کي چونڊ ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آصفه ڀٽو زرداري اين اي 207 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، تڪ ۾ ضمني چونڊ 21 اپريل تي ٿيندي. آصف علي زرداري 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ ان تڪ تي آزاد اميدوار شير محمد رند کي شڪست ڏني هئي.










