آصفه ايندڙ چونڊ وڙهندي، خط به جعلي ۽ هو پاڻ به جعلي آهي

آصفه ايندڙ چونڊ وڙهندي، خط به جعلي ۽ هو پاڻ به جعلي آهي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي ايندڙ چونڊن ۾ پارلياماني سياست ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڌمڪي واري خط بابت سوال تي هن چيو ته خط به جعلي آهي، هي به جعلي آهي ۽ سندس مينڊيٽ به جعلي آهي. هن کي استعيفا ڏيڻي پوندي، هي ملڪي مفاد جو به خيال نٿو ڪري. اڳوڻي صدر چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ آصفه بي بي حصو وٺندي. صدر زرداري کي سندس محافظ سهارو ڏئي هلي رهيا هئا، جڏهن ته آصفه ڀٽو به والد سان گڏ پارليمان آئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو