ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ 16 رڪني وائيٽ بال اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب اسڪواڊ جي قيادت آرون فنچ ڪندو جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شين ايبٽ، ايشٽن ايگر، جيسن بهرنڊورف، ايلڪس ڪيري ۽ ناٿن ايلس کي شامل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ اسڪواڊ ۾ ڪيمرون گرين، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مارنوس لابوشين، مچل مارش، بين ميڪڊرموٽ، ڪين رچرڊسن، اسٽيو سمٿ، مارڪس اسٽيونز ۽ ايڊم زمپا شامل آهن. ڊيوڊ وارنر، گلين ميڪسويل، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ وائيٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل نه آهن. چيئرمين نيشنل سليڪشن پينل جارج بيلي چيو ته اسان پاڪستان جي دوري لاءِ باصلاحيت ۽ ورسٽائل اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ون ڊي ميچز اسڪواڊ ٺاهڻ جي مرحلي ۾ آهيون.










