آسٽريلوي بالر جوش ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر

سڊني(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ کي فٽ ٿيڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي جڏهن ته ڪپتان پيٽ ڪمنز جي ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کيڏڻ جو امڪان آهي.سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جارج بيلي جو چوڻ آهي ته پيٽ ڪمنز جي فٽنيس بهتر ٿي رهي آهي ۽ هو پهرين ٽيسٽ لاءِ دستياب ٿي سگهي ٿو.آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ڇنڇر کان برسبين ۾ شروع ٿيندي، ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ اسڪاٽ بولينڊ، مائيڪل نيسر ۽ لانس مورس کي برقرار رکيو ويو آهي.پيٽ ڪمنز فٽنس مسئلن سبب ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ کيڏي نه سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو