آزاد ڪشمير چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پ پ  جي سپورٽ ڪئي

آزاد ڪشمير چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پ پ جي سپورٽ ڪئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي سپورٽ ڪئي آهي، ڪٿي ڪٿي نظر اچي رهيو هو ته ٻنهي پارٽين جي گڏيل ڪوشش آهي. سيالڪوٽ ۾ گفتگو ڪندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته گذريل 55 سالن کان ڪشمير جون چونڊون ڏسي رهيو آهيان، هن ڀيري شهر اندر ٽرن آئوٽ (ووٽن جو تناسب) وڌيڪ رهيو، پارٽي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. هن چيو ته شهر ۾ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ رهيو آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي آخري چونڊ هن شهر مان 1970ع ۾ کٽي هئي، پيپلز پارٽي جي مقبوليت ختم ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي سپورٽ ڪئي آهي، ڪٿي ڪٿي نظر اچي رهيو هو ته ٻنهي پارٽين جي گڏيل ڪوشش آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو