آرمي چيف سان برطانوي هم منصب جي ملاقات

آرمي چيف سان برطانوي هم منصب جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سر پيٽرڪ نڪولس آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب برطانوي آرمي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ نڪولس جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) پهتو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي دستن برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ نڪولس کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.آرمي چيف جنرل عاصم منير سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سر پيٽرڪ نڪولس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين ۽ ڪاميابين کي ساراهيو، جڏهن ته برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي به ساراهيو.ان کان اڳ برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ نڪولس جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان پڻ ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو