راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف جنرل عاصم منير معزز مهمان مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صالح جو استقبال ڪيو.جنرل عاصم منير امام مسجد نبوي ﷺ جي پاڪستان دوري کي پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز قرار ڏنو.ان موقعي تي مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير چيو ته پاڪستان جو مسلم دنيا ۾ اهم مقام آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس جي آخر ۾ مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير امت مسلمه جي اتحاد، امن ۽ استحڪام لاءِ دعا گهري.










