اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ادارن خلاف گندي مهم هلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف پرڏيهه ۾ ٿيندڙ گندي مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن خلاف سازش جو تسلسل آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پنهنجي گندي سياست ۾ ادارن ۽ سربراهن کي ڇڪي آئين ٽوڙي رهيو آهي.تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي آرمي چيف خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ٿي سگهي ٿي.وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ محب وطن پاڪستانين کي پرڏيهي فنڊنگ مهم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، جيڪا پرڏيهي پاڪستانين ذريعي زهريلي سياست پکيڙي رهي آهي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير ملڪ اندر ادارن خلاف گندي مهم هلائيندڙن کي لوهي هٿن سان منهن ڏئي.پاڪستان ۾ انتشار، فساد ۽ بغاوت کي ڀڙڪائڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قوم پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺي آهي ۽ شرپسندن خلاف متحد آهي.










