اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب به تصديق ڪئي آهي ته بچاءَ واري وزارت طرفان موڪليل سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته بچاءَ واري وزارت طرفان موڪليل سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف انهن مقررين جو فيصلو طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪندو.هاڻي وزيراعظم آفيس به آرمي چيف جي مقرري لاءِ سمري وصول ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ شام 6 وڳي ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.










