آرمي چيف جو سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

آرمي چيف جو سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو.ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته هن سال وڏي ٻوڏ آئي، عوام کي امداد ۽ بحالي ۾ ڪيترائي سال لڳندا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وفاق، صوبائي حڪومتن ۽ هٿياربند فوج جا وسيلا محدود آهن، پاڪستان جا مخير حضرات پنهنجن ڀائرن جي مدد لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته صحتيابي لاءِ اسان کي پوري قوم جي مدد جي ضرورت آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ دوستن کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ڏکين حالتن ۾ عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي.جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان کي يقين آهي ته هميشه وانگر اسان جا مهاجر پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن کي مايوس نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو