آرمي راڪٽ فورس جي قيام جو فيصلو

آرمي راڪٽ فورس جي قيام جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ 27هين ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي کان پوءِ آرمي راڪٽ فورس جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ ٽن ترميمن جي منظوري ڏني وئي، ترميم ۾ آئيني ڪورٽ ٺاهڻ، ججز جي ٽرانسفر ۽ آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي به شامل آهي، 27هين ترميم ۾ آئين جي مختلف شقن مان ٽوٽل 46 ترميمون ڪيون وينديون.ذريعن موجب آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي کان پوءِ هاڻ چوٿين فورس آرمي راڪٽ فورس(اي آر ايف سي) هوندي، چيف آف آرمي اسٽاف، ڪور ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز به چورائيندا، سموري ڪوآرڊينيشن چيف آف آرمي اسٽاف پاڻ ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته راڪيٽ فورس ۾ اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن(ايس پي ڊي) به شامل آهي، ايس پي ڊي پهريان چيئرمين جوائنٽ آف اسٽاف جي ماتحت ڪم ڪندي هئي، هاڻ چيئرمين جوائنٽ آف اسٽاف جو عهدو ختم ٿي ويندو انهي جي جڳهه هاڻ ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز اچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو