آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ فواد چوڌري جي ضمانت  ڪنفرم

آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ فواد چوڌري جي ضمانت ڪنفرم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ابپارا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ضمانت ڪنفرم ڪري ورتي آهي.فواد چوڌري خلاف سرڪاري ملازمن کي ڀڙڪائڻ ۽ فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ابپارا پوليس اسٽيشن ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد ۽ ٻئي ڌيئرون عدالت ۾ موجود هيون،ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت فواد چوڌري جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.وڪيل فيصل چوڌري استدعا ڪئي ته فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪئي وڃي، لائوڊ اسپيڪر تي الزام آهي، سموريون شقون قابل ضمانت آهن.جج طاهر عباس سپرا چيو ته فواد چوڌري خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، سندس خلاف ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه وقت کانپوءِ ٿيندي، ان وقت تائين کيس گهرڀاتين سان ملڻ گهرجي.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته منهنجو وڪيل قمر عنايت اليڪشن وڙهي رهيو آهي، کيس ڊپ آهي ته هو عدالت ۾ اچي گرفتار ٿي وڃي،جنهن تي جج طاهر عباس سپرا چيو ته هي اليڪشن منفرد آهي جتي وڪيل وڌيڪ چونڊ وڙهي رهيا آهن، سٺي ڳالهه آهي، پڙهيل لکيل ماڻهو پارليامينٽ ۾ ايندا، وڪيلن کي هميشه سماج جي بهتري لاءِ چيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو