آبادگارن کان زمين خالي ڪرائڻ جو حڪم ناهي ڏنو، عباسي

آبادگارن کان زمين خالي ڪرائڻ جو حڪم ناهي ڏنو، عباسي

ملير (شهزادو مستوئي ) ملير ۾ آبادگارن کي ڏنل 30 سالن جي ليز واري زمين رد نه ڪئي وئي آهي،جن ماڻهن جي ليز جي مدت پوري ٿيڻ سبب ٻيهر ليز لاءِ دوخواستون ڏنيون هيون اهي سپريم ڪورٽ طرفان الاٽمنٽ بند ڪرڻ واري حڪم هيٺ في الحال رد ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر ملير شهزاد عباسي عوامي پريس ڪلب ملير جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو . ان موقعي تي ايم پي اي راجا رزاق ۽ اقليتي پي پي اڳواڻ مکي اوڌا مل پڻ موجود هو. صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڊي سي ملير وڌيڪ چيو ته ملير ۾آبادگار، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن افواهن ڏانهن ڌيان نه ڏين جيڪو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ان جي روبڪاري ڏيڻ کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪيل آهن نه ڪنهن کان زمين خالي ڪرائڻ جو حڪم مليو آهي. هن چيو ته ملير ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن جنهن جي مڪمل رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي ويئي آهي مٿان جيئن زمين خالي  ڪرائڻ جو حڪم ملندو ته وڏي پيماني تي آپرشن شروع ڪنداسين. هن ملير جي روينو رڪارڊ ۾ زمين جي انگن اکرن متعلق پڇيل سوالن جي جواب م چيو ته ملير روينيو جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪونهي ڪاغذن مان ڳولهڻ ۾ وقت لڳي ٿو. هن چيو ته روينيو آفيسرن ۾ بهتر ذميوار ۽ برجستي ٽيم کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪا تيزي سان غير قانوني زمين تي قبضن تي نظر رکي رهي آهي. هن ملير جي سمورن پڙهيل لکيل نوجوانن سياسي سماجي ڪارڪنن لاءِ چيو ته هو ڪنهن مسئلي بابت پريشان ٿيڻ يا احتجاج ڪرڻ کان اڳ ساڻس رابطو ڪن ان موقعي تي ايم پي اي راجا رزاق چيو ته ملير ۾ اسان جون ابن ڏاڏن کان کڻت تي زمينون حاصل ڪري آباد ڪيون پيون وڃن. سنڌ حڪومت ڪو به اهڙو فيصلو نه ڪندي جنهن سان مقامي ماڻهن کي ڪو نقصان پهچڻ جو انديشو هجي. ملاقات ۾ عوامي پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري منظور سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري ارشد گبول،قادر درس،لطيف ٻگهيو ۽ سامي ميمڻ به شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو