اسلام آباد: ۡ( بيورو رپورٽ ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال اين ايف سي ايوارڊ جي تحت اهڙن صوبن جي لاءِ مراعتون متعارف ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي جيڪي آبادي ۾ اضافي کي ڪاميابي سان ڪنٽرول ڪندا.
اسلام آباد ۾ قومي ۽ صوبائي آبادي جي 2023-2050 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو پائيدار ترقي، معاشي اڳڀرائي ۽ قومي وسيلن جي موثر استعمال جي لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي چڪو آهي.
احسن اقبال خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آبادي ۾ اضافي جي موجوده شرح برقرار رهي ته 2050 تائين پاڪستان جي آبادي 370 کان 400 ملين تائين پهچي سگهي ٿي جنهن سان صحت، تعليم، روزگار، پاڻي، خوراڪ ۽ ٻين بنيادي سهولتن تي شديد دٻاءُ پوندو.
هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي پائيدار ترقي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ متوازن آبادي جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. ڳالهين جي دوران احسن اقبال اين ايف سي ايوارڊ جي تحت اهڙن صوبن جي لاءِ مراعتون متعارف ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي جيڪا آبادي ۾ اضافي کي ڪاميابي سان ڪنٽرول ڪندي










