اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جا امڪان هر گذرندڙ ڏينهن سان گهٽجي رهيا آهن.ان جي باوجود، 30 جون 2023 جي مقرر ڪيل آخري تاريخ کان اڳ پروگرام کي بحال ڪرڻ جي امڪان جو جائزو ورتو پيو وڃي.6.5 بلين ڊالر اي ايف ايف تحت يارنهن جائزو اربع تي لاڳو ٿيڻ وارو آهي، جڏهن ته التوا ۾ نائين جائزو اڃا به نامڪمل آهي.3 فيبروري تي 10هين جائزي کي لازمي قرار ڏنو ويو هو، جيڪو مڪمل نه ڪيو ويو، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان هڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن.اعليٰ حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته معاملو گذريل 80 ڏينهن کان التوا ۾ آهي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هو پرڏيهي مالياتي گهرجن جي تصديق جو انتظار ڪري رهيو آهي.ان باوجود پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان ٽي ارب ڊالرن جي پرڏيهي سيڙپڪاري جي ضمانت ڏني آهي جڏهن ته، آءِ ايم ايف عالمي بئنڪ کان 2 ارب ڊالر ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (AIIB) کان 90 ملين ڊالر جي فراهمي جي تصديق ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان اڳ عالمي مالياتي ادارا اسٽاف ليول تي اتفاق ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، 2 کان 3 ارب ڊالرن جي اضافي پرڏيهي فنانسنگ کانسواءِ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول تي راضي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي.ٻئي طرف پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته عالمي ادارو پاڪستان سان سياست ڪري رهيو آهي، ”اسٽاف ليول جو معاهدو گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها“ هي سياسي راند ناهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ناڻي واري وزارت جي اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر خاقان نجيب چيو ته نائين جائزي نامڪمل آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي 4.4 بلين ڊالرن تائين پهچي ويا آهن.










