آئين سپريم ڪورٽ کي تماشائي بڻجڻ جا اختيار ناهن ڏنا، خان جو چيف کي خط

آئين سپريم ڪورٽ کي تماشائي بڻجڻ جا اختيار ناهن ڏنا، خان جو چيف کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان پاڪستان ۾ آئيني نظام جي تباهي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان کي هڪ ڊگهو خط لکيو آهي. عمران خان پاران لکيل خط ۾ سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي وئي آهي ته هو ملڪ ۾ جاري ظلمن کي حل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي شڪايتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ يا وڌيڪ ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجا سڀئي اختيار استعمال ڪري.پي ٽي آءِ جي باني جي خط سان مختلف دستاويز پڻ ڳنڍيل آهن.349 صفحن تي ٻڌل خط ۾ عمران خان چيو ته گذريل 18 مهينن دوران مون سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ چونڊ نظام سان لاڳاپيل هيون.درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي وئي ته بنيادي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پاڪستان جي آئين سپريم ڪورٽ کي تماشائي بڻجڻ جو اختيار ناهي ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو