آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جو دورو، قومي ٽيم دبئي پهچي وئي

ابوظھبي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري جي سلسلي ۾ لاهور کان دبئي پهچي وئي.دبئي مان ٽيم آئرلينڊ رواني ٿيندي جتي هو ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.آئرلينڊ مان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ رواني ٿيندي جتي هو انگلينڊ خلاف 4 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏندي.شاداب خان ۽ حسن علي آئرلينڊ ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪندا جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عامر ويزا دير سبب ٽيم ۾ شامل ٿيندو.پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ 10 مئي تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو