ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان آءِ پي پيز جي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ آءِ پي پيز کي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي.سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي ۽ اسيمبلي ميمبر نجم مرزا طرفان قرارداد جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ ادائيگيون ٿينديون رهيون ته اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو بڻجي ويندو.قرارداد موجب صنعتي ۽ گهريلو بجلي صارفين جي لاءِ في يونٽ قيمت برداشت نه ڪرڻ جوڳي ٿي چڪي آهي. آءِ پي پيز سان ماضي ۾ ٿيل غلط معاهدن سبب شهرين جي لاءِ بجلي جا ڳرا بل ڀرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي ڇو ته معاهدن تي وڌيڪ عمل ملڪ ۾ جاري رڪارڊ مهانگائي کي وڌيڪ وڌائيندو جيڪو عوام ۽ پاڪستان ڪنهن جي به حق ۾ بهتر نه آهي.










