اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ٻيهر گرفتاري تي آءِ جي پوليس خلاف توهين عدالت جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري توهين عدالت جي درخواست خارج ڪرڻ جو لکت وارو فيصلو به جاري ڪيو آهي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته پرويز الاهي کي پهرين سيپٽمبر تي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي نظربندي جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ 5 سيپٽمبر تي نظربندي وارو حڪم معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.لکت واري فيصلي موجب رليز آرڊر جي ڪاپي لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موجب کيس عدالتي حڪم تي آزاد ڪيو ويو.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب درخواستگذار کي سي ٽي ڊي اهلڪارن ٻيهر پوليس لائنز جي دروازي وٽان گرفتار ڪيو. وڪيل موجب گرفتاري لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪئي وئي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.پرويز الاهي جو وڪيل مطمئن نه ڪري سگهيو ته هن عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيئن ٿي؟ توهين عدالت جي درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي رد ڪيو وڃي.










