آءِ جي اسلام آباد جا وارنٽ جاري،گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

آءِ جي اسلام آباد جا وارنٽ جاري،گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس مرزا وقاص رئوف قيصره الاهي جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير پنجاب چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري جي حڪم باوجود گرفتار نه ٿيڻ تي آءِ جي اسلام آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت عدم پيشي تي آءِ جي اسلام آباد جا وارنٽ جاري ڪندي آءِ جي اسلام آباد کي 18 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو