اسلام آباد(بيورو)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان کي قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته پاڪستان سان اسٽاف ليول جي معاهدي جي منظوري ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي لڳ ڀڳ 1 ارب 17 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قرض جي رقم هلندڙ هفتي آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي منتقل ڪئي ويندي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته الحمدالله آءِ ايم ايف بورڊ توسيع فنڊ جي سهولت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جي ستين ۽ اٺين قسط ملي رهي آهي.مفتاح اسماعيل چيو ته ڪيترائي ڏکيا فيصلا ڪرڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو.










