اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو دورو وقت کان اڳ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هينئر تائين 1.2 ارب ڊالرز جي ٻئي قرض قسط لاءِ ڳالهيون ترڪيه کان آن لائن جاري رکيون وينديون.آءِ ايم ايف مشن ڪالهه صبح جو ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان پهرين ملاقات ڪئي. جنهن جي فورن بعد مشڻ پاڪستان ڇڏي ڏنو. انهي اڳڀرائي کان هڪ ڏينهن اڳ آمريڪا پاڪستان لاءِ ليول ٿري، سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪندي پنهنجي شهرين کي سفر تي نظر ثاني ۽ وڏن اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. جڏهن ته ڪجهه علائقن کي ليول فور قرار ڏئي سفر تي پابندي لڳائي وئي.آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ نمائندي طرفان جاري ڪيل بيان موجب مشن توسيعي فنڊ سهوليت جي ٽئين جائزي ۽ ريزيليٽنس اينڊسٽين ايبلٽي فيسلٽي جي ٻئين جائزي تي اختيارين سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ڳالهيون هاڻ ورچوئل طريقي سان جاري رهنديون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن کي 11 مارچ تائين پاڪستان ۾ ترسڻو هو پر خطي ۾ ڇڪتان ۽ آمريڪي سفارتخانن لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ وڌيڪ احتجاج جي ڪالز جو ذڪر ڪندي عملي کي چرپر محدود ڪري ڇڏي آهي. افتتاحي اجلاس ۾ ايندڙ پيٽرووا معاشي استحڪام لاءِ پائيدار اصلاحات ۽ محصولات ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته معاشي صورتحال ۾ بهتري خوشي جوڳي آهي، پر انهي کي برقرار رکڻ لاءِ اصلاحات ضروري آهي.










