آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي طلب

آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان جي فنڊنگ جو جائزو ورتو ويندو،آءِ ايم ايف جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي ٿيندو،آءِ ايم ايف جي ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پرامن حل ۽ تڪرار ۾ گهٽتائي جي اميد آهي،هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي (اي ايف ايف) ذريعي پاڪستان جي معاشي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو