ڳڙهي ياسين ۾ 2 قتل، ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ۽ڪي اين شاهه ۾ 2 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي شهرن ڳڙهي ياسين، ڪنڌ ڪوٽ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ مختلف معاملن تان ٿيل جهيڙن ۾ 2 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي وي جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي آهن. ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر موجب دلاور مافاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالغني قمبراڻي ۾ عيساڻي ۽ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين مان گاھ ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو ڌرين ھڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي گوليون لڳڻ سبب قمبراڻي ڌر جي مسمات اربيلي زال محمد شريف قمبراڻي ۽ عيساڻي ڌر جو نوجوان راڻو عيساڻي ٿڏي تي مارجي ويا.

ٻڌايو وڃي ٿو ته عيساڻي ڌر جو نوجوان راڻو عيساڻي قمبراڻي برادري  جي زمين مان گاھ ڪري رھيو ھو جنھن کي مارجي ويل عورت جي مڙس زمين مان گاھ ڪرڻ کان روڪيو  ته جهيڙو ٿيو. اطلاع تي پوليس مارجي ويل عورت ۽ نوجوان جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ، ڊاڪٽرياڻي سميت ڪو به عملو نه ھجڻ ڪري مارجي ويلن جا لاش ڪافي دير تائين نٽھڻ اس ۾ پيل رھيا جنھن بعد اسپتال ۾ موجود ماڻھن لاش کڻائي اسپتال اندر رکرايا ۽ پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو . ھوڏانھن مارجي ويل نوجوان جي والد ممتاز عيساڻي ٻڌايو ته اسان قمبراڻي برادري جا ھاري آھيون قمبراڻي ڌر منھنجي پٽ کي گھران زمين تي گھرائي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو آھي زمين مان گاھ ڪرڻ جو ڪو مامرو نه آھي ان موقعي تي مسمات مريم قمبراڻي ٻڌايو ته راڻو عيساڻي اسان جي زمين مان گاھ ڪري رھيو ھو جنھن کي زمين مان گاھ ڪرڻ کان روڪيو ويو ته ھن فائرنگ ڪري ڏني جنھن تان اربيلي مارجي وئي جڏھن ته آخري اطلاع تائين دلاور مارفاڻي ٿاڻي تي واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. ***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب شهر ۾ نيشنل بئنڪ ڀرسان روڊ مٿان ريڙھي بيھارڻ تان سبزوئي۽ چاچڙبرادري سان واسطورکندڙ ٻن پورھيتن ۾ جھيڙوٿي پيو.

جنھن دوران لٺين۽ سروٽن جواستعمال ڪيووي جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا نادرعلي.نصرالله.پيرجان.۽ محمدرمضان زخمي ٿي پيا.جھيڙي دوران پوليس پھچي زخمين کي اسپتال پهچايو. *** خيرپور ناٿن شاهه مان وفا معشوق علي کوکر موجب ڳوٺ محمد قاسم ڪاٺيو جي رهواسين زمينيي مسئلي تان هلندڙ فيصلي دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سروٽا لڳڻ سبب  عبدالحميد ڪاٺيو ۽ غلام شبير ڪاٺيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال خيرپور ناٿن شاھ داخل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو