ڳوٺ تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽر) ڪڍڻ ۾ ڳوٺاڻن جو حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج  ۽ انصاف جي گهر ڪئي ، ٽنڊوباگو ويجھو ديھ ستياري ڪڍڻ پوليس جي حد ۾  ڳوٺ جمن ملاح جي رھواسي رمضان ملاح سندس پٽ جمن ملاح, پوڙھو, گل حسن, رياض, ولي محمد, محمد شريف ۽ ٻين سان گڏ ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته جوابدار گلڻ, محبوب, معشوق ۽ محمد بخش ملاح ٽي ھفتا اڳ ۾ اسانجي گھر مان لکين روپين جي چوري ڪري ويا جنھن جي اسان ڪڍڻ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ھئي,جنھن بعد مذڪوره جوابدار ٽي ڏينهن اڳ  مون تي سرين سان حملو ڪري شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جنهن ۾ منهنجي ٻانھن پڻ ڀڄي پئي آهي, ھن چيو ته اسان اھڙي رپورٽ ڪڍڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر ڪڍڻ پوليس ڪنھن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي جنھن ڪري جوابدار  اسانکي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان کي هنن مان جان جو خطرو آھي, ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي چوري واپس ڪرائي اسانکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو